بحريه ٽائون آڏو ڌرڻي لاءِ نڪتل قافلن جي رستا روڪ

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن مان بحريه ٽائون آڏو ڌرڻي لاءِ نڪتل قافلن جي رستا روڪ، ملير، ٺٽو، بدين ۽ ڄامشورو سوڌو مختلف علائقن ۾ پوليس قافلن کي روڪي ورتو، ڪارڪنن جا ڌرڻا، بحريه ٽائون انتظاميا ۽ پوليس جي رستا روڪ خلاف نعريبازي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪارڪنن کي رستا روڪ جي صورت ۾ روڊ تي ئي ڌرڻو هڻن جِي هدايت، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ايس او پيز جي بهاني سان قافلن کي رستن تي روڪيو پيو وڃي، پوليس ۽ انتظاميا جتي به روڪي، ڪارڪن اُتي ڌرڻو هڻي ويهي رهن، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه طرفان به قافلن جي رستا روڪ جي مذمت، اياز لطيف پليجو بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد کي سنڌ دشمن منصوبا قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪارڪنن کي ڌرڻي کان روڪيو ويو ته هر شهر ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي، سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڌرتي کي تين وال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پ پ حڪومت قديمي ڳوٺن ڪالونيز کي بلڊوز ڪري ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ڪري ڇڏيو، ملير انتظاميا طرفان قافلن کي روڪڻ جي ترديد ڪئي وئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو