بحريه ٽائون آڏو ڌرڻو ختم،ڀڃ ڊاھھ،باھيون، مظاهرين تي شيلنگ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بحريه ٽائون خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي لڳل ڌرڻو پڄاڻي تي پهتو، بحريا ٽائون جي مک گيٽ آڏو ڌرڻي دوران عوام جو سمنڊ اُٿلي پيو، علائقو سنڌ تي والار نامنظور جَي نعرن سان گونجي اُٿيو، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي قومپرست ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين جا قافلا بحريه ٽائون جي گيٽ اڳيان پهتا ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن بحريه ٽائون جَي گيٽ اڳيان سُپر هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي ۾ سنڌ جي سورمين جو به وڏو انگ شريڪ، ان کان علاوه ٻارڙا پڻ شريڪ ٿا. بحريه ٽائون آڏو سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا هئا.، بحريه ٽائون ويندڙ سمورا رستا ڪنڊيدار تارون رکي سيل، پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي وئي، جڏھن تھ سنڌ جي مختلف علائقن مان بحريه ٽائون آڏو ڌرڻي لاءِ نڪتل قافلن جي رستا روڪ ڪندي، ملير، ٺٽو، بدين ۽ ڄامشورو سوڌو مختلف علائقن ۾ پوليس قافلن کي روڪي ورتو. ڌرڻي دوران اڳواڻن جو خطاب جاري هو ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن پاران بحريه ٽائون اندر گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، دروازا ۽ شيشا ٽوڙيا ويا، ان کان علاوه آفيسن کي باهيون پڻ ڏنيون ويون، جڏهن ته بحريه ٽائون جو مک دروازو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. رد عمل ۾ بحريه ٽائون اندر موجود پوليس ڪارڪنن مٿان شديد شيلنگ شروع ڪري ڏني، نتيجي ۾ ڌرڻي ۾ موجود ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿيڻ شروع ٿي ويا، جڏهن ته اسٽيج تي ويٺل مرڪزي قيادت کي محفوظ هنڌن تي نيو ويو، ان بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڀڃ داهه ۽ باهه جي واقعن کان لاتعلقي اختيار ڪندي چيو ويو ته اهي سازشي عنصر هئا، جن جو سنڌ ايڪشن ڪميٽي سان ڪو تعلق ناهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو