بحريا وارا زمينن تي قبضا ڪري رهيا آھن، لکمير خان

 ٺٽو(رپورٽ  جاويد لطيف ميمڻ)ڪوھستان بچايو ڪميٽي، ڪي ڊي ايف جي چيئرمين ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري چيو آھي ته ڪوھستان واسين سان ٿيندڙ ناانصافين جو اڃان تائين ازالو ٿي ناھي سگھيو ته مٿان وري بحريا ٽائون جي انتظاميه طاقت جي زور تي ڪوھستان واسين جي زمينن تي قبضا ڪري کين بيدخل ڪرڻ جو سلسلو جاري ڇڏيو آھي، جيڪو عمل ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ان عمل جو فورن نوٽيس وٺي ڪوھستان واسين سان انصاف ڪري، ٻئي صورت ۾ راء عمل جوڙي عيد کان پوء جدوجھد جو آغاز ڪيو ويندو، جيڪو ڪوھستان واسين کي پنھنجا حق ڏياري سک جو ساھ پٽيندو. ھن اھي ڳالھيون جھمپير لڳ نظر محمد پالاري زرعي فارم تي ڪوھستان واسين جي مان ۾ ڏنل افطار پارٽي کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر لکمير خان پالاري چيو ته سمورو ڪوھستان وسيلن سان مالا مالا ھجڻ باوجود ڪوھستان واسين جي زمينن تي ٿيندڙ غيرقانوني والار، روزگار نه ملڻ سان گڏ کين بنيادي سھولتون ميسر نه ٿيڻ ڪري بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن، سندن ملڪيتن تي بااثر لينڊ مافيا سميت بحريا ٽائون جي انتظاميه ڪوھستان واسين جي قديمي ڳوٺن ۽ زمينن تي قبضا ڪري کين طاقت جي زور تي بيدخل ڪري مٿن ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي پوليس توڙي پنھنجي ھٿياربند ماڻھن ھٿان خوف زده ڪري ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، جنھن تي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه به خاموش بڻيل آھن. ڊاڪٽر لکمير خان پالاري چيو ته ھو ڪوھستان واسين سان گڏ آھن ۽ کين ڪڏھن به اڪيلو نه ڇڏيندا. ھن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميه ڪوھستان واسين سان ٿيندڙ ناانصافين جي ازالي سميت ڌارين جي يلغار کي روڪي لينڊ مافيا قبضاگيرن خلاف ڪاروائي ڪري ڪوھستان واسين کي پنھنجا بنيادي حق ڏياري، ٻئي صورت ۾ عيد کانپوء متاثر ڪوھستان واسين سان گڏ راء عمل جوڙي ڀرپور نموني جدوجھد جو آغاز ڪيو ويندو، جيڪو مسئلن جي حل تائين جاري رھندو.

پهنجو تبصرو موڪليو