بجيٽ ۾ هارين ۽ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ گهرجي ها: آصفه ڀٽو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو چيو آهي ته بجيٽ ۾ هارين ۽ عام ماڻهن کي رليف ملڻ گهرجي ها.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آصفه ڀٽو بجيٽ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا پاڪستان جا ماڻهو هن عوام دشمن بجيٽ جا مستحق آهن؟ اسان کي عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ اڳيان وڌڻو پوندو. آصفه ڀٽو چيو ته اسان کي هارين کي مضبوط ڪرڻو پوندو. هارين کي ڪڏهن ٻوڏ ته ڪڏهن وري ڪڻڪ درآمد ڪرڻ ۾ مسئلا پيش ايندا آهن. اسان کي ملڪ جي غريب کان غريب شهري کي سهوليتون ڏيڻيون پونديون، اسان کي پاڪستان ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.آصفه ڀٽو وڌيڪ چيو ته هن گرمي ۾ سنڌ ۾ بجلي نه آهي، هن قيامت جهڙي گمي ۾ 15 کان 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. بجلي نه هجڻ سبب ماڻهن جو ڪاروبار تباهه ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو