بجيٽ ۾ نظرانداز، بلوچستان جو تعليم وارو وزير مستعفي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جَي تعليم واري وزير سردار يار محمد رند وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صوبائي اسمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران هن اهڙو اعلان ڪيو. سردار يار محمد رند جيڪو پي ٽي آءِ جو پارليماني ليڊر به آهي تنهن وڌيڪ چيو ته هو پارٽي ڇڏڻ ۽ پنهنجي سياسي مستقبل بابت فيصلو ساٿين جي مشاورت سان بعد ۾ ڪندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ منهنجي علائقي کي نظر انداز ڪيو ويو، هر ڀيري مونسان ناانصافي ۽ زيادتي ٿيندي آهي، منهنجِي غيرت گوارا نٿي ڪري ته وڌيڪ ڪابينا جو حصو بڻجان، پنهنجِي استعيفيٰ گورنر ڏانهن اماڻيندس. ياد رهي ته اڳ ۾ سردار صالح محمد ڀوتاڻي به وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو