بجيٽ ۾ رعايتون مرحليوار ختم ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايندڙ بجيٽ 2024-25 ۾ سيلز ۽ انڪم ٽيڪس ۾ رعايتون ۽ ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ امپورٽ ٽريڪٽرن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪمرشل امپورٽرز تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪمرشل امپورٽرز جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪمرشل امپورٽرز جي آمدني تي انڪم ٽيڪس ود هولڊنگ لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.ذريعن موجب ڪمرشل امپورٽرز تي 1 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان 25 ارب رپين جي سالياني آمدني جو امڪان آهي، جڏهن ته پراڻي درآمد ٿيل گاڏين تي به ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي.ڪڻڪ جي درآمد کي روڪڻ لاءِ اضافي ٽيڪس ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته بجيٽ ۾ ٽريڪٽرن ۽ جراثيمن جي دوائن تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿيڻ سان ايندڙ مالي سال ۾ 30 ارب رپين جي آمدني جو امڪان آهي.هن سال ملڪ ۾ ٽريڪٽرن ۽ جراثيم مار دوائن کي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو