بجلي ۽ گيس چورن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي ۽ گيس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.گهرو وزير جي هدايتن تي بجلي ۽ گيس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون ۽ ايف آءِ اي کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو.محسن نقوي بجلي ۽ گيس چوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.اجلاس ۾ ايف آءِ اي عملدارن وفاقي گهرو وزير کي يونان ٻيڙي حادثي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي.وفاقي وزير چيو ته ٻيڙي حادثي ۾ ملوث سمورن عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. بريفنگ ۾ محسن نقوي کي ٻڌايو ويو ته ريفرنس ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي سان پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي.محسن نقوي ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته ريفرنس ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي سخت ڪئي وڃي.اجلاس ۾ ايف آءِ اي اهلڪارن جي التوا واري پروموشن بابت اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي گهرو وزير پروموشن جي التوا وارن ڪيسن کي جلد نمائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پروموشن جا التوا وارا سمورا ڪيس هڪ مهيني جي مقرر مدي ۾ نمٽا ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو