بجلي ۽ گيس مهانگي ڪرڻ،700 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ هلندڙ ڳالهين ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ايندڙ ٻن سالن ۾ 700 ارب جون ٽيڪس رعايتون ختم ڪندو، ايندڙ مالي سال 2019-20 جي بجيٽ ۾ 350 ارب جو رعايتون ختم ڪيون وينديون. ايندڙ مالي سال دوران پاڪستان کي 11 ارب ڊالر جي ضرورت پوندي. ٻنهي ڌرين ۾ اتفاق ڪيو ويو آحي ته حڪومت بجلي ۽ گيس مهانگي ڪندي ۽ نيپرا ۽ اوگرا کي مڪمل طور خودمختار ادارا بنائڻ ۽ سياسي مداخلت ختم ڪرن جي خاطري ڪرائي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ ٻه ڳالهيون هلندڙ آهن حفيظ شيخ سان وفد ملاقات ڪندو. جيڪڏهن شبر زيدي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ته هو به اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ جمع تي اسٽاف ليلول تي معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ڳالهين ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا بهتر ڪرڻ، بجٽ خسارو ۽ خرچ گهٽ ڪرڻ، آمدن وڌائڻ لاءِ نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري، پاليسي ريٽ ۾ اضافي تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو