بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف آپريشن تيز، 5 اهلڪار معطل

مورو (مورائي اياز سولنگي) سکر سيپڪو جي نئين آيل چيف چوڌري محمد سليم خان جي سخت هدايتن تي چيف انجنيئر آپريشن ڊائريڪٽر سيپڪو سکر عبدالاحد خان جي اڳواڻي ۾ سيپڪو جي ڇاپا مار ٽيم سان گڏ بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. جنهن سبب بجلي چورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ، بقاياجات ادا نه ڪندڙ ن جا ڪيترائي ڪنيڪشن ۽ ٽرانسفارمر لهرائي بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ لاء ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. چوري ۾ ملوٽ ايس ڊي او سيپڪو مورو ون سميت پنجن کان مٿي سيپڪو عملي کي سسپينڊ ڪري هيڊ آفيس موڪليو ويو آهي. سيپڪو جي آپريشن ڊائريڪيٽر مورو سيپڪو عملي، ٽاسڪ فورس ۽ پوليس سان گڏجي مورو شهر ۾  بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف سخت آپريشن ڪري ڪيترائي بجلي جا ٽرانسفارمر ۽ لاتعداد بجلي چورن جا لڳل ٽيوب ويل جا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا ۽ لاٿل تارن کي واپڊا آفيس اڳيان باھ ڏئي ساڙيو ويو. جڏهن ته چيف انجنيئر آپريشن ڊائريڪٽر صحافين کي ٻڌايو ته مورو ۾ بجلي چورن خلاف ڪيل آپريشن ۾ ڪيترائي ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن ۽ بجلي چوري ۾ ملوث سيپڪو ايس ڊي او مورو ون اسد الله ميمڻ، سميت ايل ايم دانش ميمڻ، ميٽر ريڊر شاهنواز ملاح، ايل ايم ون عطا محمد سولنگي، ايل ايم ون سرور سولنگي، ايل ايم دربان کوسو کي فوري طور معطل ڪري هيڊ آفيس رپورٽ ڪرايو آهي. جڏهن ته نوشهرو فيروز ۽ ميهڙ مان به بجلي چوري ۾ ملوث سيپڪو عملي کي بدلي ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري بجلي چورن کي بجلي چوري ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ باقيدارن کي پنھنجيون بقايائون ادا ڪرڻ گھرجن، ٻئي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو