بجلي چورن خلاف ڪارروائي 50 ڪنيڪشن ڪاٽا

ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو )ڪشمور ۾ ايس ڊي او سيپڪو راجندر ڪمار جي ھدايتن تي ايل ايس نثار احمد جکراڻي جبل جکراڻي ۽ ٻين غيرقانوني ڪنڊا ڪنيڪشن بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪندي 50 کان وڌيڪ ھلندڙ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا، بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو ويندو غيرقانوني طور ھلندڙ ڪنڊا ڪنيڪشن ڪنهن صورت برداشت نه ڪبا ڪنيڪشن ڪاٽي ملوث ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو،ايس ڊي او راجندر ڪمار، خبر موجب ڪشمور جي مختلف محلن لاشاري شيخ سولنگي محلا سانول شاھ محلا سميت مختلف ھنڌن تي سيپڪو ايل ايس نثار جکراڻي سيپڪو ايس ڊي او راجندر ڪمار جي ھدايت تي ڪنڊا ڪنيڪشن ذريعي چوري بجلي ھلائيندڙن خلاف آپريشن ڪري 50 کان وڌيڪ بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا سيپڪو ايس ڊي او راجندر ڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ۾ غيرقانوني طور ھلندڙ ڪنڊا ڪنيڪشن خلاف آپريشن جاري رکيو ويندو بجڪي چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو