اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت بجلي جي پيداوار ۽ خريداري لاءِ آزاد ملٽي پليئر مارڪيٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بجلي جي پيداوار ۽ خريداري لاءِ آزاد ملٽي پليئر مارڪيٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي.اعلان ۾ چيو ويو آهي ته آزاد نظام ۽ مارڪيٽ آپريٽر (ISMO) ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي ۽ ڪمپني ايڪٽ 2017 تحت ايس اي سي پي ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويندو.بيان موجب توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي کي اجلاس ۾ پاور سيڪٽر جي گردشي قرضن تي به بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم اختيارين کي هدايت ڪئي ته بجلي جي شعبي ۾ چوري ۽ نقصان جي خاتمي لاءِ تڪڙا ۽ موثر قدم کنيا وڃن.بجلي چوري ۾ ملوث ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي ملازمن خلاف محکمانه ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ بجلي جي شعبي ۾ سڌارا آندا وڃن، چوري کي حل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.اعلان موجب، ISMO ملڪ ۾ بجلي جي واحد خريدار جي حيثيت سان حڪومت جي ڪردار کي بتدريج ختم ڪندي ۽ بجلي جي مارڪيٽ کي هڪ ملٽي پليئر آزاد مارڪيٽ ۾ تبديل ڪندي.اختيارين موجب ان اداري جي ذريعي پاڪستان ۾ بجلي جي هڪ موثر ۽ شفاف مقابلي واري مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي، هي سسٽم بجلي جي صارفين کي اها سهولت فراهم ڪندو ته هو ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۽ ٻين سپلائرز کان بجلي خريد ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ان کان گهٽ قيمت تي بجلي جي پيداوار ۽ ترسيل به ڪئي ويندي. هن اداري جي نظام لاء ڊگهي مدت جي رٿابندي ڪري سگهجي ٿو.اعلان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آءِ ايس ايم او جي قيام سان پاور سيڪٽر ۾ گردشي قرضن ۽ بجلي جي شرحن ۾ گهٽتائي ايندي جڏهن ته آءِ ايس ايم او جي بورڊ ۾ پاور سيڪٽر جي ماهرن جي شموليت کي به يقيني بڻايو ويندو.










