با اثر زميندار لفٽ مشين تي پاڻي چورائن ٿا، پڇڙي جا آبادگار پريشان

عمرڪوٽ(رپورٽ مشتاق مهر) نارا ڪينال مان نڪرندڙ ٿر واهه، نور واهه ۽ ٿر ٽيل واهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ نهري پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، زمينون بنجر ٿيڻ لڳيون، ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. جڏهن ته آبپاشي کاتي جا عملدار ملي ڀڳت ڪري ڳري رشوت عيوض چند بااثر زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن. صحافين سان ڳلهائيندي پڇڙي جي آبادگارن محمد پلي، نادر حسين دلواڻي، سيد بچل شاھ، سپڙ دل، دين محمد شاھاڻي، مولوي عباس پلي ۽ ٻين چيو ته اسان کي گذريل ڪيترئي عرصي کان گهربل پاڻي ناھي مليو، جنهن سبب ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آھن. هنن چيو ته زمينون ته بنجر ٿيڻ لڳيون آھن پر ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي لاء سخت پريشان آھن، چوپايو مال به مرڻ لڳو آھي. هنن چيو ته آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيڻ لڳو آھي پر ڪوبه دانھن ٻڌڻ وارو ناھي. هنن الزام هنيو ته بااثر زميندارن نور محمد آریسر، کٻڙ ۽ زميندار عطا محمد سميجو پنهنجي لفٽ مشينن ذريعي واھن ۽ شاخن مان سڌي ريت پاڻي کڻي رھيا آھن. ھڪ زميندار کٻڙ ڀيل جي ڪمدار تہ دعويٰ ڪئي تہ کين تڪ جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر لفٽ مشين ذريعي پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏني آھي. جڏھن تہ آبپاشي کاتي پاران عطا محمد نالي ھڪ ايجنٽ ڇڏيل آھي جيڪو پاڻي چوري ڪندڙ زميندارن کان پئسن جي اوڳاڙي ڪري آبپاشي عملدارن تائین پھچائي ٿو انھي ڪري وس وارن کي نوٽيس وٺڻ گھرجي. ياد رهي ته عمرڪوٽ ضلعي جي 70 سيڪڙو آبادي جي معشيت جو دارومدار  فقط نھري پاڻي تي ٿيندڙ زراعت تي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو