نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ميڊيا تي خبرون ھلڻ کانپوء مختيار ڪار مورو ڳوٺ بچل سابقي ۾ باھ متاثر ڳوٺاڻن وٽ پھتو متاثرن ۾ مڇر دانيون ٽينٽ ۽ ڪچن جو سامان ورھايو، 4ڏينھن اڳ ڳوٺ بچل سابقي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ مان گھرن کي باھ وڪوڙي وئي جنھن جي نتيجي ۾ گل شير؛مبين؛ سميت چئن پورھيتن جا گھر سامان ۽ چوپايو مال سڙي ويو جنھن جي بروقت خبرون اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ھلڻ جو نوٽيس وٺندي مختيار ڪار مورو غلام شبير سھتو متاثر ڳوٺ بچل سابقي پھتو ۾ جتي ھن باھ متاثرن ۾ مڇر دانيون؛ٽينٽ ۽ ڪچن جو سامان ورھايو ۽ ڳوٺاڻن کي يقين ڏياريو ته سرڪار طرفان توھان جي ڪجهه مالي سھائتا به ڪندي.










