باهه سبب 60 جهڳيون سڙي رک،2 ڄڻا سڙي زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گلشن اقبال واري علائقي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 60 کان وڌيڪ جهڳيون سڙي ويون، 2 ڄڻا باهه ۾ سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. گلشن اقبال جي علائقي شانتي نگر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي 25 جڳهين کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. اطلاع تي فائر برگيڊ جون گاڏيون پهتيون، جن ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ جهڳين کي لڳل باهه تي ضابطو آڻي ورتو. پوليس موجب باهه لڳڻ سبب هڪ ڄڻو سڙي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ راحب علي طور ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو