ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار وڪرم گوکلي جي زال ۽ ڌيءَ سندس موت جي خبر کي رد ڪري ڇڏيو.گذريل رات ڀارتي ميڊيا تصديق ڪئي ته فلم، ٽيليويزن ۽ اسٽيج جو مشهور اداڪار وڪرم گوخلي 82 ورهين جي ڄمار ۾ ڊگهي بيماري کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو، گذريل ڏينهن هن اسپتال ۾ آخري ساهه کنيو. هاڻ ڀارتي ميڊيا موجب وڪرم گوکلي جي زال جو چوڻ آهي ته سندس مڙس جي حالت اڃا نازڪ آهي پر هو اڃا تائين اسان سان گڏ آهي، هو ڪوما ۾ آهي ۽ وينٽيليٽر تي آهي.اداڪار جي زال جو چوڻ آهي ته وڪرم گوخلي جي جسم جي حصن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.ٻئي طرف وڪرم گوکلي جي ڌيءَ به پنهنجي والد جي وفات جي خبرن جي ترديد ڪندي مداحن کان دعائن جي درخواست ڪئي آهي.ڪجهه رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته وڪرم گوخلي پوني جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن جڏهن اداڪار جي موت جي خبر سامهون آئي هئي ته بالي ووڊ جي مشهور اداڪارن به افسوس جو اظهار ڪيو هو، جنهن ۾ اجي ديوگن به شامل هو.
