باجوڙ ۾ فوج سان مقابلي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ سيڪورٽي فورسز مقابلي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جن ۾ سندن ڪمانڊر شفيع به شامل آهي. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگردن وٽان وڏي پيماني تي هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. بيان موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا. علائقي واسين ڪامياب فوجي آپريشن تي سرهائي ذاهر ڪندي سيڪورٽي فورسز جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي. بفوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردي برداشت نه ڪبي ۽ انهن خلاف ڪاروائي جاري رهندي. ياد رهي ته 20 جون تي اتر وزيرستان ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو