باجوڙ (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي مقامي اهلڪارن سميت 44 ڄڻا مارجي ويا ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب خيبرپختونخواهه جي صحت واري وزير رياض انور چيو آهي ته مان تصديق ڪريان ٿو ته هن وقت تائين 44 لاش اسپتال پهچايا ويا آهن، جڏهن ته 150 ڄڻا زخمي آهن، جن مان 17 جي حالت نازڪ آهي.خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي به ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ 39 ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.ٻئي طرف باجوڙ جي ضلعي هيلٿ آفيسر باجوڙ فيصل ڪمال موجب ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 45 ڄڻن کي اسپتال آندو ويو آهي، جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.هڪ اکين ڏٺي شاهد ڊان نيوز کي ٻڌايو ته ميٽنگ هال ۾ لڳ ڀڳ 500 ڪرسيون لڳايون ويون هيون، جيڪو مڪمل ڀرجي ويو هو ۽ جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻن جون تقريرون ٻڌڻ لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ بيٺو هو.هن چيو ته جي يو آءِ (ف) جو مذهبي اسڪالر عبدالرشيد جيئن ئي تقرير ڪرڻ آيو ته زوردار ڌماڪو ٿيو، جڏهن هوش آيو ته هر طرف لاش پکڙجي ويا.
Taking the lives of innocent people is the biggest sin in Islam and these terrorists have no religion and humanity has not passed by them.#Bajaur attack is murder of humanity
#BajaurBlast pic.twitter.com/7HKoEB8mDm
— Asif Mehmood (@ASIFAMCT) July 30, 2023
ڌماڪي وقت جميعت علماءِ اسلام (ف) جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ ڪنوينشن ۾ موجود هئا، جنهن سبب وڏي انگ ۾ مارجي وڃڻ جو خدشو آهي.ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، پر ڌماڪي جي نوعيت بابت ڪجهه به واضح ناهي ٿي سگهيو ته اهو آپگهاتي حملو هو يا بارودي مواد ڪنهن شيءِ ۾ نصب ڪيو ويو هو.جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري فاٽا خالد جان داوڙ ڊان نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ضلعي جي امير مولانا ضياءُ الله جان سميت درجنين جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن. هن صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زخمين جي لاءِ فوري هيلي ڪاپٽر جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي.
ڪنوينشن ۾ مولانا لائق جي تقرير دوران ڌماڪو ٿيو، ترجمان
جمعيت علماءِ اسلام خيبرپختونخوا جي ترجمان عبدالجليل جان جو چوڻ آهي ته ورڪرز ڪنوينشن ۾ 4 وڳي مولانا لئق جي تقرير دوران ڌماڪو ٿيو. هن چيو ته ڪنوينشن ۾ ايم اين اي مولانا جمال الدين ۽ سينيٽر عبدالرشيد به موجود هئا، جڏهن ته ڌماڪي ۾ تحصيل خار جو امير مولانا ضياءُ الله شهيد ٿي ويو.
مزدور کي سلام آهي، اسپتال پهچي رت جو عطيو ڏيو: مولانا فضل الرحمان
جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان باجوڙ ۾ ورڪرز ڪنوينشن دوران ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪندي وزيراعظم، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.هن جي يو آءِ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اسپتال پهچي رت جو عطيو ڪن.مولانا فضل الرحمان ڪارڪنن کي تلقين ڪئي ته جي يو آءِ جا ڪارڪن پرامن رهن.
ڪارڪنن جي شهادت تي فضل الرحمان سان تعزيت ڪريان ٿو: آصف زرداري
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران باجوڙ ۾ جي يو آءِ ف جي ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته جي يو آءِ ف جي ڪارڪنن جي شهادت تي مولانا فضل الرحمان سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو ۽ چيو ته دهشتگرد سڀني جا دشمن آهن، سوات وانگر سڄي ملڪ کي دهشتگردي جي نرسري کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، آصف علي زرداري بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
بلاول ڀٽو پاران شهيدن جي وارثن ۽ جي يو آءِ ف سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران باجوڙ ۾ جي يو آءِ ف جي ڪنوينشن ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي شهيدن جي وارثن ۽ جي يو آءِ ف سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته وفاقي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت دهشتگردن جي سرپرستن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي،دهشتگردن جي سازشن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي،بلاول ڀٽو زرداري زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي
سڄي قوم دهشتگردن خلاف جهاد ۾ متحد آهي:مراد شاهه
سنڌ جي وڏي وزير باجوڙ ۾ جي يو آءِ ف جي ڪنوينشن ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ شهيد ۽ زخمين جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن،سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سڄي قوم دهشتگردن خلاف جهاد ۾ متحد آهي
قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس ٿيو:وزيراعظم
وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام ف جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان آچر تي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. هن ڌماڪي ۽ سندن خاندانن لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ واقعي جي مڪمل جاچ کانپوءِ ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.