لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽنهي فارميٽ جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پي سي بي طرفان رڳو ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.بابر اعظم سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي سمورن فارميٽس جي ڪپتاني تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو.بابر اعظم چيو ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ نمبر ون بڻجڻ سمورن رانديگرن جي محنت جو نتيجو هو، قيادت ڇڏڻ ڏکيو فيصلو هو، ڪپتاني ڇڏڻ جو صحيح وقت آهي.هن چيو ته مان ٽنهي فارميٽس ۾ رانديگر جي حيثيت سان پرفارم ڪندو رهندس، تجربي جي بنياد تي نئين ڪپتان جي حمايت ڪندس، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو شڪر گذار آهيان جو مون تي اعتماد ڪندي ان ذميواري کي پورو ڪيو.
