بابر اعظم جي آءِ سي سي ٽيسٽ ريڪنگ ۾ بهتري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري جي بدولت بابر اعظم جي ريڪنگ ۾ به بهتري اچي وئي آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين ٽيسٽ ريڪنگ مطابق بهترين رانديگرن ۾ ڀارت جي ويرات ڪوهلي پهرين نمبر تي آهي، اسٽيو اسمٿ ٻئي، ڪين وليمسن ٽئين جڏهن ته چيتيسشور پجارا چوٿين نمبر تي آهن. سرينلڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري ڪندڙ بابراعظم جي ريڪنگ ۾ بهتري آئي آهي ۽ هاڻي هو ستين نمبرکان ترقي ڪري ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي. اسد شفيق جو 20هون نمبر آهي. ٻئي طرف بالنگ ۽ آل رائونڊر ۾ ڪو به پاڪستاني رانديگر ٽاپ ٽين ۾ جڳهه ٺاهي نه سگهيو آهي. واضح رهي ته محدود اوورن جي ڪرڪيٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ بابر اعظم ٽيسٽ ڪيريئر ۾ متاثر ڪندڙ آغاز نه ڪري سگهيو پر هاڻي نوجوان بيٽسمين جي ڪارڪردگي ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو