بااثر ۽ مائٽن جي ظلم کان بچايو، عورت جو احتجاج

ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ) ڪنب شھر جي محلا بنيظير جي رهواسڻ  مسمات زرينه گوپانگ ٺڪراٺي پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته بااثر وڏيرو گنهور گوپانگ ۽ منهنجا مائٽ شاھنواز، الطاف گوپانگ، متل گوپانگ ۽ ٻيا مون کي ٻه ڀيرا اڳ ۾ مختلف برادرين ۾ وڪرو ڪري بعد ۾ طلاق وٺرائي چڪا آھن. انڪار ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ ٽيون ڀيرو ٻيهر وڪرو ڪري رهيا آھن ۽ هاڻي هو منهنجي نوجوان ڌيءَ کي به وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا. باربار مارڪٽ ڪن ٿا هاڻي وجھ وٺي مان پريس ڪلب  پهتي آھيان منهنجي جان کي خطرو آھي وڌيڪ تڪليفون سهڻ جي مون سگھ ناهي رهي. زندگيءَ مان تنگ ٿي چڪي آھيان. هن ايس ايس پي سکر آءِ جي سنڌ ۽ انساني حقن وارن تنظيمن کي  اپيل ڪندي چيوته بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون کي ۽ منهنجي نوجوان ڌيءَ کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو