بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج، ٻڏڻ جو خدشو

بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج، ٻڏڻ جو خدشو

ٽنڊوغلام حيدر ( ن سنڌيار ) ٽنڊو غلام حيدر جي يونين ڪائونسل لکي ايٽ مير واھ مان ڪروڙين روپين جي لاڳت سان نڪتل ڀانيري سم نالي کي ھن ھيڏي وڏي برساتي ٻوڏ واري ڳنڀير صورتحال ۾ به بااثر ماڻھن پاران پنھنجون ذاتي زرعي زمينون بچائڻ خاطر سم نالي کي هٿرادو بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو درپيش آهي جڏهن ته مختلف ڳوٺن احمد خاصخيلي؛ علي خان چانڊيو؛ علي محمد ماڇي؛ عيدو خاصخيلي؛ طاھر خاصخيلي؛ ٺارو خان خاصخيلي؛ عرس لاشاري؛ حاجي خان چانڊيو؛ مراد خان چانڊيو دين محمدچانڊيو منظورچانڊيو؛ الهيار خان چانڊيو؛ ڏاڙھون خان چانڊيو؛ محمد حسن نوحاڻي؛ صاحب خان نوحاڻي؛ ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ٻڏي سگهن ٿا ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي علائقي مان ڀانيري سم نالي کي بااثر ماڻھو پاران هٿ وٺي بند ڪري ڇڏيو آھي بااثر پنھنجون زرعي زمينون بچائي اسان غريب مسڪينن جان ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آھن جنهن سان وڏو نقصان ٿيو آهي هنن چيو ته اسان بلاول ڀٽو زرداري ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان ھاء ڪورٽ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي ڀانيري سم نالو کولائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان جي ڳوٺن جو پاڻي نڪري سگھي ۽ وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي ۽ بااثرن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو