بااثرن ۽ پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

مٽياري(رياض چانڊيو)مٽياري ويجهو ڳوٺ الله بخش ميرجت جي رهواسي ساهووال برادري معشوق علي ،فرمان علي،الهداد ساهووال،سجاد جت.زيب النساء، ميما ساهووال ۽ خورشيده ساهووال جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين الزام هنيو ته ايس ايس پي جي ڀاء غلام مصطفى عرف بدو جسڪاڻي پنهنجي ساٿين گلزار ساهووال،خالد ساهووال، پوليس اهلڪارن گلبهار خاصخيلي، اصغر خاصخيلي ۽ جمون خاصخيلي سان ملي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي اسان جي گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي سخت تشدد ڪري فرمان علي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسان وٽ مهمان ٿي آيل لطيف بالادي کي اغوا ڪري کڻي ويا مظاهرين جو چوڻ هو ته اهڙي شڪايت کڻي جڏهن اسان اڏيرولال اسٽيشن پوليس وٽ وياسين ته اهلڪارن اسان کان فرياد وٺڻ بجاءِ اسان کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو مظاهرين جو چوڻ هو ته حملو ڪندڙ ماڻهو انتهائي بااثر آهن جنهن سبب اسان کي سندن کان خطرو آهي هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد،ايس ايس پي مٽياري کان گهر ڪئي ته مذڪوره بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو