بائيڪاٽ باوجود اِي سِي پِي پاران ڳڻپ جاري رکڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي معاملي تي اميدوارن جي بائيڪاٽ جي باوجود ڳڻپ جو عمل جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن سمورين پارٽين  جي اميدوارن کي ريٽرننگ آفيسر جي آفيس پهچڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن تي(ن) ليگ جي اميدوار مفتاح اسماعيل ۽ پ پ اميدوار قادر مندوخيل سميت 16 ٻيا اميدوار اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهتا.ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪميشن ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس کان سيڪيورٽي جي لاءِ اضافي نفري طلب ڪئي. ووٽن جي ڳڻپ جو عمل گورنمنٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ۾ قائم ريٽرننگ  آفيسر جي آفيس ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان دوران ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سمورا اميدوار به موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو