بائيڊن يوڪرين لاءِ نئون پيڪيج واپس وٺي: ريپبلڪن جو خط

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سياسي پارٽي ريپبلڪن يوڪرين کي 24 ارب ڊالرن جي امداد جي نئين درخواست واپس وٺڻ لاءِ صدر بائيڊن کي خط لکيو.ڊيوڊسن، هڪ ريپبلڪن، آمريڪي صدر جو بائيڊن کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي لامحدود پراکسي جنگين کي اسپانسر ڪرڻ کان ٿڪل آهن.جيستائين ڪانگريس يوڪرين جي مدد لاءِ حڪمت عملي کڻي اچي ، صدر جو بائيڊن پيڪيج واپس وٺي.خط ۾ ڪانگريس جي 12 ميمبرن ڪيف لاءِ 24 بلين ڊالر امداد جي درخواست جي مخالفت ڪئي آهي.ياد رهي ته يوڪرين ۽ روس وچ ۾ ڪافي عرصي کان جنگ هلي رهي آهي، جنهن ۾ آمريڪا يوڪرين کي جنگ لاءِ امداد فراهم ڪندو آهي.آمريڪا روس خلاف جنگ لاءِ يوڪرين کي ڪلسٽر هٿيار ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ان کان علاوه آمريڪا يوڪرين کي دفاعي امداد ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو