اڻڄاتل جوابدارن هٿان شهري جو ڳلو ڪپي قتل

گهوٽڪي(ن سنڌيار) گهوٽڪي ۾ اڻڄاتل جوابدارن شهري کي قتل ڪري ڇڏيو، شهر جي ٽنڊو بلند محلي ۾ شهمير علي ڀٽو کي اڻڄاتل جوابدارن بيدري سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي وارثن نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، اطلاع اي سيڪشن گهوٽڪي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول شهمير علي ڀٽو جو لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته گذيل ڏينهن شهمير ڀٽو گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو، جنهن جو اڄ ڳلو ڪپيل لاش مليو اطلاع مليو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو