اڳ به ووٽ چوري ٿيندا هئا، هن ڀيري به نتيجا چوري ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي سراج الحق جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ اڳ به ووٽ چوري ڪيا ويا، هن ڀيري به نتيجو چوري ٿيو، افسوس جي ڳالهه آهي ته جن فارم 45 کٽيا اهي ٻاهر آهن ۽ جن وٽ فارم 47 آهي اهي حلف کڻي رهيا آهن.منصوره ۾ نيشنل فيڊريشن آف ليبر جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته عوام ڌانڌلي وارين چونڊن کي گڏيل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، چوري ٿيل نتيجن سان ٺهندڙ حڪومت کي به رد ڪيو ويو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ اڳ به ووٽ چوري ڪيا ويا، هن ڀيري نتيجو چوري ٿيو، افسوس جي ڳالهه آهي ته جن فارم 45 تي کٽيا اهي ٻاهر آهن ۽ جن وٽ فارم 47 آهي اهي حلف کڻي رهيا آهن.هن چيو ته جماعت اسلامي کي اسيمبلي مان ٻاهر ته رکي سگهجي ٿو پر چوڪن ۽ چوراهن تي عوام جي نمائندگي ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهجي.سراج الحق چيو ته حڪومت ادارن جي نجڪاري بدران ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل ڪري، ملڪ ۾ ڪانٽريڪٽ جو نظام ختم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو