اڳوڻي صوبائي وزير طرفان صحت ميلي جو افتتاح

اوٻاوڙو (اسد گهنڃو) پاپوليشن ويلفيئر کاتي گھوٽڪي پاران اوٻاوڙو جي شھيد بينظير ڀٽو ڪالوني ۾ گذريل ڏينھن فيملي صحت ميلو منعقد ڪيو ويو فيملي صحت ميلي جو افتتاح پاپوليشن کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مھتاب حسين ڏھر۽ پاپوليشن کاتي جي ضلعي آفيسر اصغر علي سولنگي ڪيو، صحت ميلي ۾ آسپاس جي عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته پاپوليشن کاتي طرفان خانداني منصوبه بندي جي حوالي سان قطب ايندڙ طريقن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا جتي عورتن ۽ مردن کي ٻارن ۾ وقفي جي حوالي سان ڄاڻ پڻ ڏني وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مھتاب حسين ڏھر چيو تـ پاپوليشن کاتي طرفان اھڙا عوامي آگاهي پروگرام ڪرائي ماڻھن کي فيملي پلاننگ حوالي سان ڄاڻ ڏني وڃي، جنهن بعد اصغر علي سولنگي خطاب ڪندي چيو تـه اسين سموري کاتي جي موبلائيزرن کي هدايتون ڏيندي چيو آهي ته گهر گهر وڃي ماڻهن تائين ڄاڻ پهچائي وڃي ته جيئن وڌندڙ آدمشماري تي ڪنٽرول ڪري سگهجي،لڳايل صحت ميلي ۾ عبدالباسط لاکو، سعد الله ڦلپوٽو،الهوسايو وسير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو