اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٽيڪس گوشوارا پڌرا

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٽيڪس گوشوارا پڌرا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٽيڪس گوشوارا پڌرا ڪيا ويا آهن.گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ آمريڪي قانون ساز اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٽيڪس گوشوارا عوام لاءِ جاري ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنا.آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي 2015 کان 2020 تائين جا ٽيڪس گوشوارا ظاهر ڪرڻ جي حق ۾ 24 ووٽ پيا جڏهن ته 16 مخالفت ۾ هئا، سمورا مخالف ريپبلڪن هئا. جڏهن ته، هاڻي ٽرمپ جي 6 سالن جي ٽيڪس ريٽرن کي عام ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، ٽرمپ انتظاميه جمعي تي هزارين صفحن جا ٽيڪس ريٽرن جاري ڪندي جواب ڏنو، خبردار ڪيو ته اهو عمل آمريڪي سياست کي ورهائي ڇڏيندو.ٽرمپ انتظاميه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڊيموڪريٽس کي اهو نه ڪرڻ گهرجي ها ۽ سپريم ڪورٽ کي فيصلي جي منظوري نه ڏيڻ گهرجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو