آفتاب شعبان جنازي نماز ادا بعد مٽي ماءُ حوالي، پ پ قيادت جي شرڪت

آفتاب شعبان جنازي نماز ادا بعد مٽي ماءُ حوالي، پ پ قيادت جي شرڪت

ڪراچي(رپورٽ علي مرتضيٰ مهر)سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ دفاع جو وفاقي وزير آفتاب شعبان ميراڻي ڳچ عرصي کان بيمار رهڻ بعد پهرين نومبر تي لاڏاڻو ڪري ويو، سندن خاندان وارن آفتاب شعبان ميراڻي جي وفات جي تصديق ڪئي آهي. خاندان جي بيان موجب، آفتاب شعبان ميراڻي جي جنازي نماز ارات 10 وڳي مسجد بيت الاسلام، ڊفينس فيز 4، ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي، ۽ سندن تدفين گذري جي قبرستان ۾ ٿي  آفتاب شعبان ميراڻي جو تعلق ضلعي شڪارپور سان هو، هو ڪافي عرصي کان ڪراچي ۾ رهائش پذير هئا. کين هڪ هفتو اڳ اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو هو. آفتاب شعبان ميراڻي جو شمار پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر ترين اڳواڻن ۾ ٿيندو هو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير سيد مرادعلي شاھھ سميت ٻين پاران سندس وڇوڙي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو ويو ۽ پونئرن صبر ڪرڻ جي دعا ڪئي، صدرِ آصف علي زرداري آفتاب شعبان ميراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته، “هو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين مان هڪ هو.” ان سان گڏ، وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه پڻ آفتاب شعبان ميراڻي جي وفات تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه گذريل هفتي ڪراچي جي ساؤٿ سٽي اسپتال ۾ آفتاب شعبان ميراڻي جي عيادت به ڪئي هئي، جتي هو علاج هيٺ هو. آفتاب ميراڻي 1990 ۾ سنڌ جو وڏو وزير بڻيو هو جنهن بعد 1993 کان 1996 تائين دفاع جو وفاقي وزير به رهيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مرحوم آفتاب شعبان ميراڻي جي گهر پهتا ۽ سندن وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو۔ وڏي وزير مرحوم جي ميت کي ڪلهو ڏنو ۽ نمازِ جنازه ۾ پڻ شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب سيد مراد علي شاهه آفتاب شعبان ميراڻي جي ميت سان گڏ مسجد بيت السلام ويا جتي مرحوم جي نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي۔ ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ جيالن جو وڏو انگ موجود هو۔ وڏي وزير آفتاب شعبان ميراڻي جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم ايماندار، باوقار ۽ نوڙت رکندڙ شخصيت هئا جن هميشه عوامي خدمت کي ترجيح ڏني۔ ان کانپوءِ اڳوڻي وزيراعليٰ آفتاب شعبان ميراڻي کي گذري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو۔ تدفين ۾ وڏو وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، وقار مهدي، امتياز شيخ ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وقار مهدي پاڪستان پيپلز پارٽي جي طرفان آفتاب شعبان ميراڻي جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي۔ اڳواڻن مرحوم جي ايصالِ ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو