لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو.لاهور جي احتساب عدالت جي جج رائو عبدالجبار دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو.نواز شريف جي وڪيل چيو ته نيب بدانتظامي جي بنياد تي ريفرنس ٺاهيو، پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم جو ڪو ڪردار ناهي، نئين قانون تحت اهو ڪيس نٿو هلي سگهي.
