اڳوڻو مڱيندو تنگ ٿو ڪري تحفظ ڏيو، ناري جو احتجاج

عادلپور(ن سنڌيار)ڳوٺ وڌڻ مھر جي ناري ثمينه مھر پنھنجي مڙس الھ بچايو مھر سس مائي پروين سان گڏ احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته  مان پنھنجي ۽ گھروارن  جي رضا خوشيءَ سان ڪجهه مهينا اڳ الھ بچايو مھر سان گھوٽڪي جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو آھي جنھن بعد اڳوڻو مڱيندو محمد سچل مھر ۽ ان جا مائٽ  منھنجي جان جا دشمن بڻجي ويا آھن  ھن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته اڳوڻو مڱيندو سچل ۽ ھن جا مائٽ اربيلو اختيار عبدالوحيد شريف نورالدين عامر ۽ ٻين اسان جي گھر تي ڪاھ ڪري  حملو ڪندي مونکي منھنجي سس ۽ نيڙان کي تشدد جو نشانو بڻائي مونکي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي تشدد سبب آئون ۽ منهنجي سس ۽ نيڙان زخمي ٿي پيا آهيون، جنھن جو اطلاع جان محمدسوسائٽي چوڪي انچارج کي ڏنو پر ھو به بااثر جي وانگار وھندي اسان کي دٻائي رھيو آھي متاثر ناري وڌيڪ چيو ته اڳوڻو مڱيندو ۽ ھن جا مائٽ موتمار ڌمڪيون ڏئي ويا آھن  ھنن  ايس ايس  پي گھوٽڪي کان  مطالبو ڪندي چيو ته کين تحفظ فراهم ڪري جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو