راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي پوليس گذريل رات اڳوڻي ايم اين اي جمشيد دستي کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس ذريعن موجب جمشيد دستي کي فيض آباد جي هڪ هوٽل مان گرفتار ڪيو ويو.ذريعن موجب ٽرڪ ڊرائيورز ايسوسي ايشن پاران جمشيد دستي خلاف 38 لک رپين جي غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب اڳوڻي ايم اين اي کي شروعاتي طور نيو ٽائون پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، بعد ۾ کيس مظفر ڳڙهه پوليس حوالي ڪيو ويندو.










