اڍائي سالن کان لاپته هدايت لوهار دوڙ ٿاڻي تي ظاهر

دوڙ(نويد سنڌي) سنڌ جي بھادر ڀيڻن سسئي ۽ سورٺ لوھار جي والد ھدايت الله لوھار کي اڍائي سالن کان پوءِ اوچتو دوڙ ٿاڻي تي ظاھر ڪيو ويو آهي. دوڙ پوليس جو چوڻ آهي ته معمول جي گشت دوران کيس مهراڻ هاءِ وي تان بارودي مواد سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب سندس خلاف دهشتگري ٽوڙ قانون هيٺ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته لاڙڪاڻي جي شهر نصيرآباد مان کيس نامعلوم سادن ڪپڙن وارا هٿياربند جيڪي وڏين گاڏين ۾ سوار هئا، انهن اڍائي سال اڳ کيس کنڀي گم ڪيو هو. جنهن بعد “وائس آف سنڌ مسنگ پرسنس” جي پليٽ فارم تان سندس بازيابي لاءِ آواز اٿاريو ويو هو. سندس نياڻين بهادري سان هن جو ڪيس وڙهيو، ان دوران سنڌ جي انهن بهادر نياڻين جي سيڪورٽي فورسز تذليل پڻ ڪئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو