اڌ ڪلو ڦٽي چورائڻ تي زميندار جو ٻار تي تشدد

جروار(ن سنڌيار) گلو پتافي کان ڳوٺاڻا موٽررڪشا تي ڦٽيون جروار کڻي رهيا هئا ته رستي تي مالوند بيٺل ٻار رڪشا مان اڌ ڪلو ڦٽي ڪڍي ورتي ۽ فرار ٿي رهيو هو ته پويان موٽرسائيڪل تي ڦٽي مالڪ زميندار مدد علي پتافي اچي رهيو هو زميندار انهي ڦٽي چوري ڪندڙ ٻار لال بخش گبول کي پڪڙي تشدد ڪيو. بعد ۾ معصوم ٻار کي زميندار موٽرسائيڪل تي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته گذرندڙ ماڻھن ٻار کي ان زميندار کان ڇڏائي ورتو ,معصوم ٻار تي تشدد واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويئي ,هوڏانهن زميندار مدد علي پتافي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻار تي تشدد ناهي ڪيو باقي هن کي خوف ڏيارڻ لاء موٽرسائيڪل تي کڻي وڃي رهيا هئاسين پوء ڳوٺاڻن ٻار کي ڇڏائي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو