اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڄ خميس 5 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. جنهن دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ درج ڪشميري عوام جي خود اراديت جي ناقابلِ تنسيخ حق لاءِ سندن جائز جدوجهد جي حمايت جو نئون وچن ورجايو پيو وڃي. اڄوڪي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ريليون، مظاهرا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا۔ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سڀني داخلا رستن تي انساني زنجيرون پڻ ٺاهيون وينديون۔هن موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري ڪشميري عوام لاءِ پاڪستان جي مضبوط اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب سندن خود اراديت جي ناقابلِ تنسيخ حق جي ٻيهر تصديق ڪئي۔صدر چيو ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان سندن جائز جدوجهد ۾ گڏ بيٺل آهي۔ هن ياد ڏياريو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي شروعات 36 سال اڳ شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1989ع جي تاريخي ڪشميري تحريڪ کان پوءِ ڪئي هئي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي۔صدر زرداري عالمي برادريءَ تي زور ڏنو ته هو ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي۔
پناهگيرن لاءِ گهر
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته حڪومت ڪشميري پناهگيرن لاءِ ماهوار في فرد گذر سفر الاؤنس وڌائي 5 هزار رپيا ڪري ڇڏيو آهي۔وزيراعظم چيو: “پاڪستان جي حڪومت 3 ارب رپين جي لاڳت سان 750 رهائشي گهر تعمير ڪرڻ لاءِ هڪ پائليٽ منصوبي تي عمل ڪري رهي آهي۔ هن ٻڌايو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت انهن گهرن جي تعمير لاءِ زمين فراهم ڪئي آهي، جيڪا خاص طور آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آباد ڄمون ۽ ڪشمير جي پناهگيرن لاءِ مخصوص آهي۔ هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي پناهگيرن جي مڪمل بحالي قومي فرض آهي ۽ پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو، جيستائين هو پنهنجو خود اراديت جو حق حاصل نٿا ڪن۔ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ڪشمير مسئلو برصغير جي ورهاڱي دوران ڪيل اڌورا وعدا پورا نه ٿيڻ سبب پيدا ٿيل بنيادي تڪرارن مان هڪ آهي۔ هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ڪشميري عوام کي سندن عالمي سطح تي تسليم ٿيل خود اراديت جو حق ڏيڻ کان سواءِ ممڪن ناهي۔ وفاقي وزير براءِ ڪشمير امور امير مقام، آل پارٽيز حريت ڪانفرنس (اي پي ايڇ سي) جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي انهن ڪشميرين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو، جن قيد و بند، گهرن جي تباهي ۽ گهرڀاتين جي قربانين باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکي۔ هن چيو ته پاڪستان جدوجهد ڪندڙن ۽ شهيد ٿيندڙن سان گڏ آهي ۽ ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ اڪيلا ناهن۔ اڄوڪي ڏينهن جي انتظامن بابت ٻڌائيندي امير مقام چيو ته صبح 10 وڳي سڄي ملڪ سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت-بلتستان ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي۔ هن چيو ته پاڪستانين ۽ ڪشميرين جي يڪجهتي جي علامت طور ڪوهالا پل تي روايتي انساني زنجير ٺاهي ويندي۔آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوَڙ چيو ته رياست ۾ سياسي استحڪام، جمهوريت ۽ امن سندس حڪومت جي اهم ترين ترجيحن مان آهن۔اربع تي سينٽرل بار ايسوسيئيشن پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ ڳالهائيندي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته حڪومت جون سڀ ڪوششون عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ڏانهن مرڪوز آهن۔
گورنر سنڌ پاران ڪشميري شهيدن کي خراج تحسين پيش
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪشميري شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.هن چيو ته هو ڪشميري ڀائرن سان پنهنجي غير متزلزل حمايت ۽ مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪري ٿو.ڪامران ٽيسوري چيو ته هو هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي حق ۾ مضبوط ۽ اثرائتي آواز بلند ڪندو رهندو.
ڀارت جا ظلم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن: بلوچستان جو وڏو وزير
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته ڀارت جا ظلم ڪشميرين جي حوصلي کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، آزادي جي جدوجهد پنهنجي منزل تائين پهچندي رهندي.ڪشمير يڪجهتي جي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ سرفراز بگٽي چيو ته ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان ڀارتي ظلم خلاف آزادي جي جدوجهد ڪري رهيا آهن.هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت نه ڇڏيندا، بلوچستان جو هر ٻار پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺو آهي.هن چيو ته عالمي برادري جي ذميواري آهي ته هو گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق ڪشميرين کي خود اراديت جو حق ڏئي.سرفراز بگٽي چيو ته ڪشمير يڪجهتي جو ڏينهن ڪشميرين سان غير متزلزل عزم ۽ يڪجهتي جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي.










