اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت سان ڳالهين لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ڳالهين جي معاملي تي حڪومت کي هاڪاري جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔
ذريعن موجب اهو فيصلو گذريل رات اسلام آباد ۾ اپوزيشن اتحاد جي صلاح مشوري واري اجلاس ۾ ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ محمود خان اچڪزئي، علامه ناصر عباس، شاهد خاقان عباسي ۽ مصطفىٰ نواز کوکهر پڻ شريڪ ٿيا۔
ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ رانا ثناءُ الله جي بيانن جو باريڪ بيني سان جائزو ورتو ويو، جڏهن ته سلمان اڪرم راجا، شاهد خاقان ۽ ٻين اپوزيشن قيادت کي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جو مشورو ڏنو۔
ذريعن موجب محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس اپوزيشن اتحاد جي فيصلن کانپوءِ ڳالهين واري عمل کي اڳتي وڌائيندا، جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻ رمضان المبارڪ دوران اهم حڪومتي شخصيتن سان رابطو ڪندا۔










