اٽلي حادثو، 28 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي خبر غلط آهي: سفير

روم (ويب ڊيسڪ)اٽلي ۾ مقرر پاڪستاني سفير علي جاويد چيو آهي ته ٻيڙيءَ ۾ سوار 28 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ بابت شروعاتي ڄاڻ اڻ تصديق ٿيل آهي.هڪ بيان ۾ علي جاويد چيو ته ٻيڙي ۾ سوار 28 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي خبر واپس ورتي وئي، ٻيڙي ۾ سوار 16 پاڪستاني محفوظ آهن، 4 گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي.اٽلي ۾ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن ٻيڙي حادثي ۾ بچيل 16 پاڪستانين سان ملاقات ڪئي آهي.سفير علي جاويد چيو ته سفارتخاني جي اعليٰ عملدار طبي ڪيمپ ۾ موجود 16 پاڪستانين سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته ٻيڙي حادثو ڪيلابريا ۾ پيش آيو، جيڪو سفارتخاني کان 9 ڪلاڪ جي مفاصلي تي آهي، جنهن کي واقعي واري هنڌ موڪليو ويو.هن چيو ته ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويل 16 پاڪستانين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، بچي ويلن جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ 20 پاڪستاني سوار هئا، 4 گم ٿيل پاڪستانين جي ڳولا جاري آهي.پاڪستان ۾ سفير علي جاويد جو چوڻ آهي ته 16 پاڪستانين جو تعلق مالاڪنڊ، حافظ آباد، گوجرانوالا ۽ گجرات سان آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته سفارتخانو اطالوي حڪومت جي سهڪار سان 16 پاڪستانين جي واپسي لاءِ قدم کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو