اَٺون کَنڊُ، چنڊ ۽ زمين وچ ۾ ڪميونيڪيشن جو نئون منصوبو

اوسلو(ويب ڊيسڪ) يورپي يونين چنڊ تي جي پي ايس ۽ انٽرنيٽ جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيئن چنڊ تي ويندڙ سياحن ۽ سائنسدانن کي ڪميونيڪيشن جي بهتر سهولت ملي سگهي. اهڙو اعلان يورپي اپيس ايجنسي جي ڊائريڪٽر ٽيليڪميونيڪيشنز اينڊ انٽيگريٽيڊ اپليڪيشنز، ايلوڊي ويائو پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه وقت ۾ ڪافي ملڪ ۽ ڪمرشل ڪمپنيون حد کان وڌيڪ سيٽ لائيٽ خلا ۾ موڪلي چڪا هوندا ۽ زمين انساني رهائش لاءِ محدود ٿيندي ويندي ان لاءِ انسان کي خلا ۾ رهڻ لاءِ اٺون کنڊ تلاش ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن اسين چنڊ ۽ زمين وچ ۾ اسڪائيپ تي ويڊيو چيٽ ڪري سگهنداسين. هن ٻڌايو ته هن وقت چنڊ تي ويندڙ ماڻهن سان رابطي لاءِ تمام وڏيو اينٽينائون ۽ پيچيده ٽيڪنالوجي استعمال ٿئي ٿي جيڪا ڪافي مهانگي آهي. اسن يورپ جي ٻن ڪمپنين کي جديد ۽ آسان ٽيڪنالوجي لاءِ فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني آهي جيڪي ڏيڍ سال اندر پنهنجي رپورٽ پيس ڪندا. اسين هن منصوبي جي 2022 ۾ يورپي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل کان اها منظور ڪرائي 2023 ۾ هن منصوبي تي ڪم شرپع ڪنداسين ۽ هلندڙ ڏهاڪي جي آخر تائين اميد آهي ته چنڊ ۽ زمين وچ ۾ ڪميونيڪيشن بحال ڪنداسين. تفصيلي رپورٽ پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو