اي ڊي بي پاران پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 658 ملين ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي ڊي بي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قرض مختلف شعبن ۾ 3 منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، امداد ٽيڪس وصولي وڌائڻ ۽ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ استعمال ڪئي ويندي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته امداد زرعي پيداوار وڌائڻ جي منصوبن تي به خرچ ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ ڊالرن جي پروگرام ذريعي ٽيڪس وصولي کي وڌايو ويندو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ٽيڪس سڌارن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. سنڌ ۾ اسڪولن جي بحاليءَ لاءِ 275 ملين ڊالر ڏنا ويندا.اها امداد ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 1.5 بلين ڊالر جي سنڌ ۾ ٻوڏ جي بحالي واري پروگرام جو حصو آهي.اعلان ۾ چيو ويو آهي ته امداد سان 1600 اسڪولن جي تعمير ۽ بحالي ڪئي ويندي ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي واري منصوبي لاءِ 8 لک ڊالر جي گرانٽ ڏني ويندي.اي ڊي بي جو اهو به چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ فوڊ سيڪيورٽي منصوبن لاءِ 80 ملين ڊالر فراهم ڪيا ويندا ۽ 3 ملين ڊالر عورتن هارين کي چانورن جي فصلن جي صفائي ۽ زرعي ڪيميڪل جي محفوظ استعمال لاءِ فراهم ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو