اي اين پي پاران ننڍي چونڊ ۾  ايم ڪيو ايم جي حمايت جو اعلان

اي اين پي پاران ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي حمايت جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عوامي نيشنل پارٽي قومي اسيمبلي جي تڪ 245 تي ننڍي چونڊ ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.شاهي سيد چيو ته اين اي 245 ننڍي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي اي اين پي سپورٽ ڪندي، مڪاني چونڊن ۾ به اسان هڪ ٻئي سان سهڪار ڪنداسين.وسيم اختر چيو ته اي اين پي مڪمل طور تي ايم ڪيو ايم کي سپورٽ ڪندي جنهن تي سندن ٿورائتا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو