ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايڪسائيز ٽيڪسيشن آفيسر جميل احمد کونهارو سرڪل ڪوٽڙي جي هدايت تي ايڪسائيز انسپيڪٽر اعجاز شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪندي 2060 گرام چرس هٿ ڪري ورتو ۽ جوابدار سلمان حسن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ڪامياب آپريشن تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته سنڌ ايڪسائيز کاتي جا آفيسر ۽ اهلڪار منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رکندا.
