ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور انگلينڊ روانو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور جوڊيشل ٽريننگ لاءِ انگلينڊ روانو ٿي ويو.ذريعن موجب چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جج همايون دلاور کي جوڊيشل ٽريننگ لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو.جج همايون دلاور 13 آگسٽ تائين لنڊن ۾ ٽريننگ ۾ شرڪت ڪندو.انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني تي عدالتي تربيت يونيورسٽي آف هال، انگلينڊ ۾جاري آهي عدالتي تربيت ۾ حصو وٺڻ لاءِ سڄي ملڪ مان مختلف ججن کي نامزد ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اسلام آباد مان جوڊيشل ٽريننگ لاءِ ججن جي نامزدگي ۽ ويزا جو عمل 2 مهينن کان جاري هو. ڪجهه ججن کي ويزا نه ملڻ بعد ٻيا جج شامل ڪيا ويا، پشاور ۾ به ڪجهه ججن کي ويزا نه ملڻ سبب نالا تبديل ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو