ڦلجي ٿاڻي جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکجي ويو

دادو(ادل مهيسر) ايڊيشنل آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ آفتاب احمد پٺاڻ پنهنجي ڳوٺ ڦلجي اسٽيشن پهچي پوليس ٿاڻي جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو. پي ايس ڦلجي ٿاڻي جي نئين عمارت لاءِ فنانس ڊپارٽمينٽ کان ساڍا چار ڪروڙ رپيا منظور ڪرايا ويا جڏهن ته ڦلجي شهر جي راڻا خوشي محمد راجپوت پاران پوليس ٿاڻي جي عمارت جي اڏاوت لاءِ ڦلجي شهر باءِ پاس روڊ وٽ پنهنجي زمين مان هڪ ايڪڙ زمين ڏني وئي. ان موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي تقريب جا مک مهمان ايڊيشنل آي جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ آفتاب احمد پٺاڻ جڏهن ته ايس ايس پي دادو فرخ رضا ملڪ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو نظير احمد سومرو ۽ ٻيا تقريب جا مهمان رهيا. ان موقعي تي خاص مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍايو ويو جڏهن ته تقريب ۾ شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي ايس ايس پي دادو فرخ رضا ملڪ ۽ ايڊيشنل آءِ جي آفتاب احمد پٺاڻ خطاب ڪندي چيو ته 70 سال گذرڻ باوجود به پوليس کي جيڪي سهولتون ملڻ گهرجن اهي نه ملي سگهيون آهن هن وڌيڪ چيو ته تيگاڻي ڏوهارين خلاف پوليس پاران ڪامياب آپريشن ڪيو ويو پر ڏوهارين وٽ پوليس کان وڌيڪ جديد هٿيار هئا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏوهاري امن امان خراب ڪري معاشري جو ناسور بڻجي وڃن ٿا عوام ۽ پوليس کي گڏجي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ گهرجي هن وقت تائين 26 سو پوليس اهلڪار ڊيوٽي دوران ڏوهارين خلاف آپريشن ڪندي شهيد ٿي چڪا آهن هن وڌيڪ چيو ته 8 مهينن دوران 30 ڊي ايس پييز کي ترقيون ڏئي ايس پي جا عهدا ڏنا ويا ۽ 103 پوليس انسپيڪٽرن کي ترقي ڏئي ڊي ايس پي جو عهدو ڏنو ويو جڏهن ته 450 سب انسپيڪٽرن کي ترقيون ڏئي پوليس انسپيڪٽر جو عهدو ڏنو ويو. هن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته 2016 کان هن وقت تائين ميرٽ جي بنياد تي برٿيون ڪيون ويون آهن ايس آر پي ۾ امتحان پاس ڪندڙ 1350 ايس.ايس.يو پوليس اهلڪار ميرٽ جي بنياد تي برٿي ڪيا ويا آهن جڏهن ته آئي ٽي ۾ 320 ڊيٽا آپريٽر برٿي ڪيا ويا آئي جي سنڌ ڪليم امام جي ڪوششن سان سنڌ پوليس کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. گذريل سال آءِ جي سنڌ پاران هر پوليس ٿاڻي کي 15 لک روپيا رپيئيرنگ ۽ فرنيچر لاءِ ڏنا ويا ايندڙ سال هن کان به وڌيڪ پوليس ٿاڻن کي رقم ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڦلجي شهر کي 70 سالن کان پوليس ٿاڻي جي ڪا عمارت نه هئي ساڍا چار ڪروڙ رپيا جي لاڳت سان پوليس ٿاڻي جي عمارت منظور ڪرائي وئي آهي جنهن جو پڻ جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو