اين اي 128 جي آر او کي نتيجا جاري نه ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ تڪ اين اي 128 جي ريٽرننگ آفيسر کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايتي سلمان اڪرم راجا کي ووٽن جي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪرڻ واري معاملي تي طلب ڪري ورتو. سلمان اڪرم راجا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 128 جي نتيجن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.سلمان اڪرم راجا پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته وڏي اڪثريت سان کٽڻ باوجود نتيجا روڪيا ويا آهن. هن استدعا ڪئي ته عدالت ريٽرننگ آفيسر کي فوري طور نتيجا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي.رجسٽرار آفيس سلمان اڪرام راجا جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو