اينٽي ڪرپشن هٿان روپوش عطائي سميت 3 گرفتار

ڪشمور (رپورٽر اصغر علي چانڊيو ) ڪشمور ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جي ڪارروائي 3 روپوش عطائي ڊاڪٽر گرفتار اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪاروائي ڪندي روپوش بڻيل عطائي ڊاڪٽر ظهور احمد دايو عبدالواحد شيخ،راهب چاچڙ کي گرفتار ڪيو ڪنڌڪوٽ کڻي وئي اينٽي ڪرپشن ٽيم موجب گذريل ٽن سالن کان روپوش عطائي ڊاڪٽر گهربل هئا جن خلاف ڪارواين جو سلسلو شروع ڪيون آهي غير قانوني طريقي سان ڪلينڪون ھلائڻ جي ڏوھ ۾ عطائي ڊاڪٽرن مٿان سال 2017 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جيڪي ڪيس کي منهن نه ڏيڻ تي عدالت طرفان روپوش قرار ڏنا ويا هئا اينٽي ڪرپشن ٽيم جي سرڪل آفيسر شاھد بشير کوسو جو چوڻ هو ته 49 روپوش عطائي ڊاڪٽر اينٽي ڪرپشن ٽيم کي گهربل آهن جن کي پڻ گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو