اينٽي ڪرپشن جو پبلڪ هيلٿ ۽ سول اسپتال تي ڇاپو

دادو  (ادل مهيسر) اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي سرڪل آفيسر عمران ڏاوچ ۽ دادو جي انچارج سيف الله هاليپوٽو جي سربراهي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئر ۽ سول اسپتال ۾ ڇاپو هڻي 10 سالن جو رڪارڊ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. سرڪل آفيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئر ۽ سول اسپتال ۾ ٿيل ڪرپشن  جي تحيقيقات ڪنداسين ۽ ذميورا آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ڪروڙين روپين ۽ واٽر سپلاء اسڪيمن ۾ ڪرپشن جي شڪايت تي تحقيقات شروع ڪئي آهي،دادو سول اسپتال ۾ پيٽرول، دوائن، ايمبولينس ۽ ٻين فنڊز ۾ ڪرپشن جي شڪايت تي تحقيقات ڪري رهيا آهيون،تحقيقات مڪمل ڪرڻ بعد ملوث ملزمن جي خلاف ڪيس درج ڪري ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو