عدالت پاران زرداري جي ڪيس ختم ڪري آزاد ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت جي جج اصغر علي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪيس ختم ڪرڻ ۽ آزاد ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي خارج ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي 8 ارب روپين جي مشڪوڪ ٽرانزيڪشن واري ڪيس نيب ترميمي آرڊيننس بعد نئون رخ اختيار ڪري ورتو. پي پي اڳواڻ جي وڪيل فاروق نائڪ چيو ته هي ڪيس ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽسز جي دائري ۾ نٿو اچي. هن چيو ته حڪومت پاران نيب جي قانون ۾ ڪيل ترميم بعد هي ڪيس خود بعد ختم ٿي وڃي ٿو ڇو ته هاڻي نيب جو دائرو محدود ڪيو ويو آهي. آصف علي زرداري جيڪو پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، تنهن اڳ ۾ درخواست ڪئي هئي ته سندس طبيعت ٺيڪ ناهي ويڊيو لنڪ ذريعي مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي پر عدالت اها سندس درخواست رد ڪئي هئي. عدالت ان نقطي تي ڪيس ٻڌڻ جوڳو آهي يا نه فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي. ڊي جي آءِ ايس آِ جي مقرري بابت سوال تي هن چيو ته مونکي ناهي خبر ته نئون ڊي جي ڪير ٿيندو، وزيراعظم نااهل آهي آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ وقت به پنج مسودا تيار ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو