بلاول جي ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شموليت جي آڇ، عمران خان لاءِ ڌچڪو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيوآهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان تحريڪ انصاف سان اتحاد ختم ڪري ۽ ان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏئي. ڪراچي ۾ ميگا منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان تحريڪ انصاف سان اتحاد ختم ڪري ان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏئي. ڪراچي ۽ ان جي عوام خاطر جيتريون وزارتون وفاق ۾ ايم ڪيو ايم وٽ آهن اسان سنڌ ۾ انهن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ليڪن صرف شرط اهو آهي ته هو عمران خان کي گهر موڪلڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا. بلاول ڀٽو زرداري مڪمل ٿيندڙ 4 ميگا منصوبن جو افتتاح ڪيو ان ۾ ڪورنگي اڍائي نمبر جو پل، ڪورنگي 5 نمبر جو پل، حيدر علي انڊر پاس ۽ ڪينٽ اسٽيشن جي پاسن ۾ ٺهندڙ نوان روڊ شامل آهن. سنڌ حڪومت طرفان مڪمل ڪيل ان چئني منصوبن جي افتتاحي تقريب راشد لطيف اسٽيڊيم ڪورنگي ۾ رکي وئي. تقريب ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان علاوهه وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان مطابق 1 ارب 74 ڪروڙ 70 لک رپين جي لاڳت سان 4 منصوبا مڪمل ڪيا ويا. ترجمان ٻڌايو ته ڪورنگي اڍائي نمبر تي 33 ڪروڙ، ڪورنگي 5 نمبر تي 33 ڪروڙ 40 لک جي لاڳت آئي. ترجمان مطابق حيدر علي انڊر پاس جي تعمير تي 66 ڪروڙ 10 لک رپيا جڏهن ته ڪينٽ اسٽيشن جي روڊن جي تعمير تي 42 ڪروڙ 20 لک رپيا خرچ ٿيا. ميگا پروجيڪٽن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ميئر ڪراچي وسيم اختر بلاول ڀٽو جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ميئر ۽ وزيراعليٰ جي ذميواري آهي ته هو سياسي وابستگي کان بالاتر ٿي ڪم ڪن. وسيم اختر چيو ته ڪراچي جا ماڻهو تمام گهڻو مشڪل ۾ آهن پاڻي، سيوريج ۽ ٽرانسپورٽ ڪراچي جا سڀ کان وڏا مسئلا آهن جن جي حل لاءِ اسان سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين. ان جو چوڻ هو ته ڪراچي سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندو آهي ان لاءِ ميٽرو ۽ موٽروي جهڙا منصوبا ڪراچي کي ملڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو