ايم ڪيو ايم مردم شماري واري عمل کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان مردم شماري واري عمل کي رد ڪري ڇڏيو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته اسان جا خدشا حقيقت بڻجي سامهون اچي ويا آهن.متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي سربراهه مردم شماري تي خدشن جو اظهار ڪيو، اسان کي مردم شماري جي ڊيٽا تائين پهچ ڏني وڃي.هن چيو ته ڪراچي کي ٻيهر گهٽ ڳڻيو پيو وڃي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هر شهر مان ماڻهو ڪراچي اچن ۽ آبادي گهٽجي وڃي، اسان مردم شماري واري عمل کي رد ڪريون ٿا.فاروق ستار جو چوڻ آهي ته آدمشماري ٻيهر غيرجانبدار نجي شعبي کان ڪرائي وڃي، هاڻوڪي مردم شماري جي نتيجن کي رد ڪريون ٿا، جن خدشن جو ذڪر ڪيو هو اهي هاڻي اسان جي سامهون اچي ويا آهن.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته هن وقت تائين ڪراچي جي آبادي جو 46 سيڪڙو ڳڻيو ويو آهي، هن وقت تائين اسان کي 500 جي لڳ ڀڳ شڪايتون مليون آهن، سنڌ جي شهري آبادي کي گهٽ ڳڻيو پيو وڃي ۽ ڳوٺن جي آبادي کي وڌايو پيو وڃي.هنن جو چوڻ آهي ته هو سنڌ حڪومت جي نگراني ۾ سرڪاري ملازمن پاران ڪرايل آدمشماري کي رد ڪن ٿا، ڳڻپ ڪندڙ هڪ گهر وڃي 4 ڇڏي وڃن ٿا، ٽيب ۾ ڊيٽا داخل آهي يا نه، اها خبر ناهي، سندن ڳڻپ ڪندڙن پاران آدمشماري ڪرائي وڃي. ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي.فاروق ستار چيو ته شهر جي مختلف علائقن مان ماڻهن جون شڪايتون اچي رهيون آهن، پيپلز پارٽي اي پي سي جو ڊرامو ڪري قومپرستن کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، شماريات واري اداري تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اسان کي ڊيش بورڊ جو ڊيٽا ڏنو وڃي.هن چيو ته اسان جي ڄاڻ موجب ڊيٽا صوبائي حڪومت کي فراهم ڪئي وئي آهي، هر ماڻهو کي موبائل ذريعي سندس ڊيٽا تائين رسائي ڏني وڃي، جيڪڏهن آدمشماري صحيح نه ٿي ته چونڊون ۽ تڪ بنديون به درست نه ٿينديون.ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ اهو به چيو ته اهي وفاقي حڪومت کان سوال ڪن ٿا ته اسان وٽ وفاقي حڪومت ۾ رهڻ جو ڪهڙو جواز بچيو آهي، ناظم آباد جي هڪ يوسي جي آبادي 72 هزار ۽ ووٽر 76 هزار آهن، اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ موجوده مردم شماري ۾ به اسان جي آبادي جو 66 سيڪڙو غائب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو