ايم ڪيو ايم مئل گهوڙو آهي کين کاڌو ڏئي زنده ڪيو پيو وڃي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پ پ اڳواڻ مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم مئل گهوڙي بڻجي چڪي آهي، ان کي کاڌ خوراڪ ڏئي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اليڪشن جي موجوده صورتحال ۾ هڪ ئي ليڊر آهي جيڪو سڄي پاڪستان ۾ جلسا ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ئي واحد ليڊر آهي جيڪو پنهنجو پروگرام ٻڌائي رهيو آهي. ماڻهن لاءِ سوچون.باقي ماضيءَ ۾ ڦاٿل آهن سوچيم ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو،ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته مان جڏهن ڪراچي ۾ اسڪول ۾ پڙهندو هوس ته اجازت کانسواءِ پار نه ٿي سگهندو هو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻين کي منٿون ڪيون ته اسان کي اليڪشن کٽي.

پهنجو تبصرو موڪليو